اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته فارين ايجنٽ گهڙي چور گدڙ بزدلي ۽ خوف جو عبرت جو نمونو بڻجي چڪو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته توشا خانه لٽمار جي فرد جرم کان بچڻ لاءِ ٽنگ تي پلستر ٻڌي ڇڏيو، فارين فنڊنگ کان بچڻ جي لاءِ معذور بڻجي ويو، روزانو هڪ نئون بهانو، مان عدالت نه ويندس، تلاشي نه ڏيندس، منهنجي جان کي خطرو آهي، هن چيو ته عوامي سوچ جي تارازي جي هڪ پلڙي ۾ ”لا“ آهي، ٻئي طرف ”لا-ڊ-لا“ آهي، تارازي جا پلڙا برابر ڪيو.