اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور ق ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. چوڌري سرور اڳوڻي وزيراعظم ۽ ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اڳوڻي گورنر ق ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، چوڌري سرور اڄ اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.