لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سڀاڻي لاهور ۾ چونڊ ريلي جي قيادت جو اعلان ڪري ڇڏيو. وڊيو لنڪ سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ظل شاهه کي شهيد ڪيو ويو، سندس وڊيوز سوشل ميڊيا تي ڏسندو رهيس،  26 سالن جي سياست ۾ ڏکئي کان ڏکيو وقت آيو آهي، 25 مئي تي به اسان جي ڪارڪنن تي وڏو ظلم ڪيو ويو، ظل شاهه جي شهادت رڳو مون کي نه سڄي قوم کي تڪليف ڏني آهي. هن چيو ته اهڙي شخص کي وڏو وزير بڻايو ويو، جنهن جي ذهن ۾ اسان جي خلاف زهر هو، هي جيڪي مڙهيل آهن، اسان انهن کي انسان نٿا سمجهون، اڄوڪي پريس ڪانفرنس ۾ چون ٿا ته ظل شاهه سان حادثو ٿيو، آءِ جي کي شرم اچڻ گهرجي، اسان جو ڪارڪن ماريو ويو ۽ ڪيس مون تي ڪيو ويو. عمران خان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چيو ته  پوليس وارن پيغام اماڻيو ته ظل شاهه تي نامعلوم ماڻهن تشدد ڪيو. ڍڪ رکيو پيو وڃي. هن جي گهرڀاتين کان بيان ڏياريا پيا وڃن. هاڻ سڄا ثبوت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. شهباز گل اڃاتائين ٺيڪ نه ٿيو آهي، خواجه آصف به اهڙو ئي بيان ڏنو آهي شهبازگل کي چوندس ته هن جي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ته جيئن ان کي به اهڙي سزا ملي جيڪا شهباز کي ملي هئي.  مريم نواز چوي ٿي ته نواز شريف جا ڪيس ختم ڪري عمران کي جيل ۾ وجهو، هي مهاراڻي، بادشاهه آهن. ظل شاهه ملنگ هو ان تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. نازڪ عضون تي به تشدد ڪيو ويو آهي. ماڻهن جي سامهون بيشرمي سان ڪوڙ ڳالهايو ٿا شرم نه ٿو اچيو. عمران خان چيو ته ڊاڪٽر درست پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏني ته ظل شاهه جي جسم تي 64 جاين تي تشدد جا نشان هئا. ان ڊاڪٽر کي سلام پيش ڪريان ٿو.  هي چونڊن کان ڊڄن ٿا، هن ملڪ جا فيصلا ملڪ کان ٻاهر ويٺل ڀڳوڙو ڪري رهيو آهي، هن جي ڏوهاري ڌيءُ جنهن تي چاهي تنقيد ڪري رهي آهي. مون فيصلو ڪيو آهي رت جي آخري ڦڙي تائين هنن جو مقابلو ڪندس. ڀارت جي ٽي وي تي خوشي سان ٻڌائين پيا ته پاڪستان تباهي طرف وڃي رهيو آهي. اسان ڇو پيٽ ڪاٽي فوج کي پاليو، اسان ملڪ کي مديني جي رياست جي عدل ۽ انصاف جي اصول تي هلائڻ پئي چاهيو. هن رت جو بار اليڪشن ڪميشن تي به آهي جن هنن آفيسرن کي هتي مقرر ڪرڻ ڏنو، هاڻ فوري طور تي ايڪشن کڻڻ گهرجي.  افضل سنڌو کي به پوليس ڏنڊا هنيا هڪ هڪ وڊيو سامهون آهي، ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن جو راڄ آهي، هن معاملي تي جڊيشل ڪميشن ٺاهيو. نگران وڏي وزير ۽ آءِ جي کان استعيفا وٺو. اڄ ئي وٺو، پارٽي تيار ٿئي سڀاڻي (اڄ) 2 وڳي ريلي جي قيادت پاڻ ڪندس، لاهور وارا سڀ نڪرو اهو ٻڌائڻ لاءِ ته اسان رڍون ٻڪريون ناهيون، حڪومت سي آءِ اي، جنرل باجوه پي ڊي ايم گڏجي ڪيرائي، اسلام آباد ڌرڻو کڻي وڃان ها ته رتو ڇاڻ  ٿي وڃي ها.  لاهور ۾ به لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري ريلي ختم ڪئي، هاڻ به ڪجهه نه ڪجهه ڪندا، ڪو ڌماڪو ڪرائيندا، ڪنهن کي قتل ڪرائيندا، عدالت ۾ ڇو آڻڻ چاهين ٿا اتي ڪو به مون کي قتل ڪري سگهي ٿو. مقصد آهي ته چونڊون ملتوي ڪرائين. ملڪ ۾ نفرتون پکيڙيندڙ، تشدد ڪندڙ جي استعيفا به ملڪ کي بچائڻ لاءِ گهرجي، جيڪو الله کان ڊچي ٿو ان کي موت جو ڊپ ناهي هوندو هي نفرتون پکيڙي رهيو آهي. هاڻ وري ملڪ کي ٽوڙڻ طرف هليا ويا آهن، هي اوڀر پاڪستان جهڙي حالت بڻائڻ چاهي ٿو. جن جو ڪم قوم کي بچائڻ آهي اهي هنن سان گڏ بيهي رهيا آهن.

لاهور(م ڊ) لاهور جي ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري چڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اعلان بعد ڊپٽي ڪمشنر لاهو جو چوڻ آهي ته اڄ لاهور ۾ پي ايس ايل جي  مئچ سبب انتهائي حساس ڏينهن آهي، انڪري ٽيم جي اچ وڃ سبب ريلي ڪڍڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، پي ٽي آءِ کي ريلي ملتوي ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن  ريلي ملتوي نه ڪئي وئي پوءِ مجبور ٿي قلم 144 لڳائينداسين.