ڪراچي (نمائندن وٽان)  حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ پاران عمراه سمون، سرمد راڄپر، عاطف ملاح، سنڌو مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ٺٽو ۾ عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر مٺا خان لاشاري، رزاق چانڊيو، انور پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ميرپوربٺوري ۾ عوامي تحريڪ  پاران پرويز ميمڻ، ضلعي جنرل سيڪريٽري ساگر پرهياڙ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.ڊگھڙي ۾  عوامي تحريڪ  طرفان  امير بخش جروار، خير محمد  چانڊيو ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرين کي سرڪاري فليٽن ۾ رهائڻ سميت سندن واهر لاءِ جوڳا اپاءِ نه ورتا آهن جنهن ڪري متاثرين اڃا تائين بي يارو مددگار آهن. اڳواڻن چيو ته متاثرين جي سهائتا لاءِ يوسي سطح تي جوڙيل ڪميٽيون بدنيتي تي ٻڌل آهن جيڪي رڳو پنهنجا نواز پاليسي تحت ڳوٺن توڙي علائقن ۾ سروي پيون ڪن. هنن مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثر خاندان کي گهر ٺهرائڻ لاءِ 50 لک رپيا معاوضو فراهم ڪيو وڃي ۽ ڌارين جا شناختي ڪارڊ رد ڪري کين فوري طور واپس اماڻيو وڃي.