ڪراچي (نمائندن وٽان) جماعت اسلامي جي سڏ تي وياج جي ڪڌي ڪاروبار خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ نصرالله عزيز چنو، غلام مصطفيٰ ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊوآدم ۾   جماعت اسلامي پاران  عبدالغفور انصاري، مشتاق احمد عادل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. دادو ۾ جماعت اسلامي اڳواڻ محمد موسيٰ ٻٻر جي اڳواڻي وڏي انگ ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران هٿن ۾ جهنڊا کڻي علام آء آء قاضي لائبروري کان پريس ڪلب تاڌين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. تنگواڻي ۾ ماشاء الله اسٽاپ کان بشير احمّد حاجاڻو،حاجي خان بليدي،صابر علي بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته وياج جو ڪاروبار عروج تي هلي رهيو آهي، پر پوليس وياج خورن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري وياج خورن ڪيترن ئي خاندانن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته وياج جو ڪُڌو ڪاروبار بند ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.