ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شھري کان 50 هزار ڊالر ڦر،  بوٽ بيسن واري علائقي ۾  شهري ذوالفقار کان 50 هزار ڊالر ڦر ڪيا ويا، شهري ڪلفٽن بلاڪ 5 ۾ بينڪ مان 50 هزار ڊالر ڪڍرائي نڪتو هو، بوٽ بيسن وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن رقم ڦر ڪئي. متاثر شهري موجب 24 نومبر تي رقم ڪڍرائي نڪتس ته بوٽ بيسن وٽ هٿياربندن رقم ڦر ڪئي، 50 هزار ڊالر پاڪستاني هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٿين ٿا. ٻئي طرف پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي