عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ جمعون خان ٻٻر جي رھواسين امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ھوت ٻٻر، سومار ٻٻر، نادر ٻٻر، ڪيول رام ۽ ٻين چيو ته پوليس لائين جو پلاٽ ڄاڻائي گهر ڊاهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، هنن چيو ته اسان جا قديمي گهر آهن، 40 سالن کان هتي رھون پيا، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.