ميرپورٻرڙو(ن پ ا) ميرپورٻرڙو جي موساڻي محلي مان 3 ڏينهن اڳ جيڪب آباد پوليس پاران گرفتار ڪيل ٻن شهرين عبدالحميد ٻرڙو ۽ سائينداد ٻرڙو کي ظاهر ناهي ڪيو ويو.وارثن حاجي عبدالغفار ٻرڙو،آزاد ٻرڙو، محمد افضل ٻرڙو، همير ٻرڙو ۽ عبدالحليم ٻرڙو جو چوڻ هو ته خبر ناهي پوليس عبدالحميد ٻرڙو ۽ سائينداد ٻرڙو  کي ڪهڙي ڏوھ ۾ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن گهر ڪئي ته عبدالحميد ٻرڙو ۽ سائينداد ٻرڙو کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن پوليس ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب هڪ مهينو اڳ ميرپورٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ لياقت کوسو ۾ وڏيري لياقت کوسو جي گھر مان ڌاڙو لڳو هو، پوليس عبدالحميد ٻرڙو ۽ سائينداد ٻرڙو کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي