قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ نجي بينڪ مان رقم ڪڍرائي ايندڙ ڪڻڪ جي واپاري حاجي جتوئي کان 3 اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربند پيڇو ڪري هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 7 لک روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ واپارين حاجي جتوئي، شاھنواز ۽ جاويد جتوئي چيو ته قاضي احمد سٽي ۾ ڪير به محفوظ ناهي، ڏينهن ڏٺي جو ڦورو 7 لک ڪڻڪ جي واپاري حاجي جتوئي کان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس ڦورن اڳيان بيوس بڻيل آهي، پيڊي مالڪن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واپاري جا ڦر ڪيل پيسا واپس ڪرايا وڃن، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته قاضي احمد سٽي ۽ آس پاس جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.