جھول (ن پ ا) ڪراچي واسڻ ناري جھول جي نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ڪراچي پوليس جو ڇاپو، خبر موجب ڪراچي ڪورنگي جي مھراڻ ٽائون واسڻ ناري ثنا ۽ جهو واسي نوجوان ممتاز ٽالپر پسند جي شادي ڪري ڇڏي، ڪالهه ناري جي وارثن پاران داخل ڪرايل اغوا ڪيس ۾ ڪراچي پوليس جهول ۾ جوڙي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپو هنيو، جتي جوڙي پوليس کي ٻڌايو ته اسان ٻنهي پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان جھول پوليس موجب جوڙي کي اڄ سانگهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته في الحال ناري کي سيف هائوس سانگهڙ ۾ رکيو ويو آهي.