عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ڀرسان ڏکوئيندڙ روڊ حادثو، ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڳڀرو نوجوان فوت ، گھر ۾ ڪهرام متل. عمرڪوٽ ڀرسان رتنور روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ڳوٺ ڀوجراجيو جا رھواسي 2 نوجوان امير علي ولد انور نھڙي ۽ اصغر علي ولد رمضان نهڙي سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا. نوجوانن جي فوتگي تي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي جڏھن ته ٻنھي نوجوانن جي بي وقتائتي وڇوڙي تي ڳوٺ ۾ سوڳوار ماحول ڇانيل آھي، جڏھن ته حادثي جي آخري اطلاعن تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.