حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قرت العين بلوچ جي امڙ آمنت خاتون، سندس نياڻي زهرا عيني، ڀائرن سميت سياسي اڳواڻن صداقت علي جتوئي، ڊاڪٽر عاصم بلوچ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته 5 ڏينهن اڳ قرت العين کي مڙس عمر خالد ميمڻ تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو. سندن نياڻي جي بي رحماڻي موت کين جيئري ماري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته جوابدار ڌر مختلف ماڻهن ۽ ڪجهه پوليس عملدارن ذريعي قرت العين جي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ 10 ڪروڙ خون بها جي آڇ پئي ڪري. نياڻي جو خون پئسن تي ڪڏهن به وڪرو نه ڪنداسين، اڳوڻو آبپاشي سيڪريٽري 20 ڪروڙ وٺي ۽ سندس پٽ عمر ميمڻ حوالي ڪري.مقتولا قرت العين جي معصوم نياڻي ۽ واقعي جي اکين ڏٺي شاهد زهره پريس ڪانفرنس دوران انڪشاف ڪيو ته سندس والد رات جو گهر آيو ۽ اچڻ شرط ئي سندس ماءُ کي مارڻ شروع ڪيو. هن چيو ته والد ماءُ کي گهليندو ڪمري ۾ کڻي ويو جتي در بند ڪري سندن ماءُ کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو. هن چيو ته کين ماءُ جي خون ۾ الله انصاف ڏيندو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي، عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ وومين ايڪشن فورم، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي ۽ فاريسٽ ورڪرز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران حسين مسرت شاهه، ڊاڪٽر بختاور ڄام، نظير قريشي، سنڌو نواز گهانگهرو، پروفيسر امداد چانڊيو، غفرانه آرائين، ايڊووڪيٽ علي پلهه جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ عورتن تي گهريلو تشدد ۽ قتل جا واقعا وڌي ويا آهن. حڪومت عيني بلوچ قتل ڪيس کي سنڌ ۾ نياڻين تي تشدد ۽ قتل وارن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي جوابدار کي عدالت مان عبرتناڪ سزا ڏيارڻ ۾ پنهنجو عملي آئيني ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري. سکر ۾ ٻيلي کاتي واڪنگ ٽريڪ کان ريلي ڪڍي رفيق احمد ماڪو، ضياد اللھ لغاري، عارف جاگيراڻي، شائستا کوسو، عزرا جمال، شمس الدين کوسو، حافظ محبوب سھتو جي اڳواڻي ۾ گوبل چوڪ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو.ڄامشورو ۾ قرت العين جي خون سان انصاف لاءِ بخت جتوئي، شبير خاصخيلي، اياز برھماڻي، حيدر شاھ، وزير کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جي ايم سيد چوڪ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.