سکر (بيورو رپورٽ) سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪوئنس روڊ جي دڪاندار منوج ڪمار جي دڪان مان 2 عورتون خريداري جي بهاني تي دڪاندار جي ڪائونٽر مان مبينا طور پئسا چوري ڪري رھيون ھيون ته دڪاندار کين پڪڙي ورتو ۽ دوڪاندار موجب ٻنھي عورتن کي ھن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.