هالا (ن پ ا) هالا جي ٿلهي روڊ تي منير چاچڙ جي گهر ۾ داخل ٿي چورن الماري ۾ پيل سونا زيور، 4 موبائيل سيٽ ۽ قرباني لاءِ بيٺل ٻڪرن کي ڪاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا، گهر ڌڻين هڪ چوري کي پڪڙي تشدد بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته پڪڙيل جوابدار شڪيل خاصخيلي شيدي عادي ڏوهاري آهي.