عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ضلعي ۾ سوين معذور ٻارن لاءِ قائم ڪيل فقط هڪ اسڪول کي به تالا لڳي ويا، معذور ٻار اسڪول بند هئڻ ڪري رلڻ پنڻ تي مجبور، خبر موجب عمرڪوٽ ضلعي جي سوين معذور ٻارن جي لاءِ قائم ڪيل هڪ ئي اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول کي انتظاميا نه هلائي سگهي، جيڪو ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل آهي ۽ قيمتي سامان سڙي رهيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته اسڪول ۾ مقرر استاد ۽ عملو گهر ويهي پگهار کڻي رهيو آهي، معذور ٻارن جي والدين جيٺا رام، پشو، کيتارام ۽ لوڻو جو چوڻ آهي ته ٻار معذور آهن، اسڪول وڃڻ چاهين ٿا پر اسڪول وٺي وڃڻ واري گاڏي اڳ ايندي هئي، هاڻي نٿي اچي، ان ڪري ٻار گهٽين ۾ رلڻ پنڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول کورائي مسئو حل ڪيو وڃي،