ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊو غلام حيدر ويجهو ٽمون جلالاڻي موري اسٽاپ تي دڪان ۾ ويٺل 22 ورهين جي نوجوان يار علي چانڊيو کي پوليس اهلڪار مبينا طور چماٽو هڻي تشدد جو نشانو بڻايو، ان حوالي سان متاثرن نوجوان يار علي چانڊيو ٻڌايو ته آئون دڪان تي سامان وٺڻ لاءِ آيو هيس، جنهن دوران پوليس اهلڪار منهنجي تلاشي ورتي، مون وٽان ڪابه شئي نه نڪرڻ تان پوليس اهلڪار بنا جواز مون کي چماٽون هڻي تشدد جو نشانو بڻايو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.