ٽنڊو ڄام (ن پ ا) شهيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر جي ڀاءُ کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، يونيورسٽي جي ملازمن پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو هو، احتجاج ختم ٿيڻ بعد صحافي جي ڀاءُ محسن مگسي کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو، محسن مگسي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته اوهان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف احتجاج دوران گٿا لفظ استعمال ڪيا آهن ۽ يونيورسٽي ۾ مسلسل غير حاضر رهو ٿا، جنهن جو جواب پڻ ڏنو ويو هڪ شوڪاز بعد ذريعن موجب محسن مگسي کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي، سندس ٻن مهينن جي پگهار به جاري نه ٿي آهي، ان حوالي سان محسن مگسي ٻڌايو ته وائيس چانسلر خلاف مختلف خبرون هلڻ بعد وائيس چانسلر جي پي ايس ۽ فيڪلٽي ڊين آفيس ۾ طلب ڪري موبائيل فون کسي چيڪ ڪيو ۽ چيو ته تون پنهنجي ڀاءُ کي خبرون ٿو ڏين، اسان خلاف ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون، بعد ۾ وائيس چانسلر جي پي ايس منهنجو مسٽول وي سي آفيس ۾ رکي ڇڏيو ۽ حاضري هڻڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن بعد غير حاضر رهڻ جو جواز ڄاڻائي ۽ احتجاج ڪرڻ تي پگهارون بند ڪيو ويو آهن. ٻي طرف  سڪرنڊ وٽرنري يونيورسٽي انتظاميا موجب ته محسن مگسي کي  بار بار يونيورسٽي مان غير حاضر رهڻ ڪري يونيورسٽي پاران ايڪسپلينيشنس ڏنيون ويون پر هن تنهن هوندي به  ورسٽي جي ليٽرن تي ڪو ڌيان نه ڏنو، انتظاميا موجب ته ملازم وائيس چانسلر ۽ ٻين آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيندو،  ملازم وائيس چانسلر ۽ ٻين آفيسرن کي سرعام سوشل ميڊيا تي گار گند وارا وڊيو پيغام ڏيندو رهيو،