عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) ڊي سي عمرڪوٽ ضلعي جي صحت کاتي واري صورتحال ۽ پي پي ايچ آءِ جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظھار ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري صحت ۽ پي پي ايچ آءِ اختيارين کي صحت سھولتن جي شديد اڻاٺ بابت ڌار ڌار تفصيلي شڪايتي خط اماڻي ڇڏيا، ڊي سي عمرڪوٽ جي شڪايتي تفصيلي خط جو سيڪريٽري صحت نوٽيس وٺندي عمرڪوٽ سميت سنڌ جي مختلف ضلعن مان 16 مرد ۽ ليڊي ڊاڪٽرز کي عمرڪوٽ بدلي ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ ڊي سي عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي ڌاريجو پاران سيڪريٽري صحت ۽ پي پي ايچ آءِ سنڌ جي چيف ڏانھن اماڻيل ڌار ڌار شڪايتي خطن ۾ ڄاڻايو آھي ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ 588 ڊاڪٽرن جون پوسٽون پيل آھن پر گذريل وڏي عرصي کان مقرر رڳو 110 ڊاڪٽر آھن، جڏھن ته عمرڪوٽ ۾ 478 ڊاڪٽرن جون جايون خالي پيل آھن، پئراميڊيڪل اسٽاف جي 1844 پوسٽن مان صرف 873 ملازم مقرر آھن،971 پئرا ميڊيڪل اسٽاف جون پوسٽون به خالي پيل آھن، ڊي سي پاران پي پي ايچ آءِ سنڌ جي چيف ڏانھن اماڻيل خط ۾ پي پي ايچ آءِ بابت لکيو آھي ته ضلعي ۾ کين ڪُل 60 ڊاڪٽرز مقرر ڪرڻا آھن پر ان بجاءِ اداري پاران صرف 38 ڊاڪٽر مقرر ٿيل آھن ۽ 22 ڊاڪٽرن جون جايون به پي پي ايچ آءِ نه ڀريون آھن، پي پي ايچ آءِ کي ضلعي ۾ پئرا ميڊيل عملي طور 382 ماڻھو مقرر ڪرڻا ھئا پر صرف 277 ڄڻا مقرر ٿيل آھن ۽ 105 پوسٽون خالي پيل آھن، اداري پاران عمرڪوٽ لاءِ جيڪا بجيٽ منظور آھي اھا نه پئي ڏني وڃي، جنھن سبب ضلعي جي پنج ھزارن کان وڌيڪ کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۾ ورتل ٻارڙن کي پي پي ايچ آءِ وارا کاڌ خوراڪ ۽ دوائون نه ڏئي سگھيا آھن، اھڙو شڪايتي ليٽر ملڻ بعد سيڪريٽري صحت معاملي جو فوري نوٽيس وٺندي سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ضلعن مان ڪل 16 ڊاڪٽرن کي بدلي ڪري عمرڪوٽ ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، مقرر ٿيلن ۾ ڊاڪٽر اسد علي، جئه پرڪاش، جيٺانند، اشوڪ ڪمار، شوڪت علي، مڪيش، يوڳل پرڪاش، نيھالچند، ليڊي ڊاڪٽر نوشين، مونيڪا، نائله، فرح اڪرم، ارم ارشد، صنوبر پروين ۽ ٻيا شامل آھن، رابطو ڪرڻ تي ڊي سي عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي ڌاريجو ٻڌايو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ صحت سھولتن جو تمام وڏو فقدان آھي، ان ڪري سيڪريٽري صحت ۽ پي پي ايچ آءِ ھيڊ ڏانھن ليٽر لکي ضلعي کي صحت سھولتون ڏيڻ جي يادگيري ڪرائي آهي، جنھن جا بھتر نتيجا اچڻ شروع ٿيا آھن، هن چيو ته پھرين ڏينھن ئي 16 ڊاڪٽر مقرر ٿيا آھن، ھن ٻڌايو ته پي پي ايچ آءِ کي ضلعي ۾ جيترا ڊاڪٽر، عملو ۽ دوائون توڙي بجيٽ ڏيڻ گھرجي اها نه پئي ملي، ان ڪري مسئلا آھن.