سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سيوھڻ جي ٽول پلازه وٽ انڊس ھاءِ وي تي ٻن روڊن کي ڏنل  عارضي ڪٽ وارو ڪم گذريل 4 مھينن کان سست رفتاري جو شڪار ٿي ويو  آهي،  جڏهن ته ڪٽ واري ھنڌ تي 2 پليون منظور ھجڻ باوجود اين ايچ اي عملدارن پليون ٺاھڻ جي بدران ھڪ روڊ تعمير ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري شھرين ۽  سياسي سماجي  ڌرين ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آهي،  ان بابت اڪبر ملاح، حاجي ھارون چنا، لطف ملاح، عظيم سولنگي، سھيل ميمڻ، اعظم بروھي، غلام حسين ڀٽو،  اصغر ڪوريجو، احسان رند، صاحب ڳنڀير ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت کي ھر ڏھاڪي ۾ منڇر جا ھاڃن جي ڄاڻ ھئڻ باوجود ۽ اسان وٽ ھٿرادو ٻوڏون آڻي سيوھڻ تعلقي کي ھٿ سان تباھ ڪيو ويندو آهي،   ۽  بعد  ۾وري ھر ڀيري ان ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ انڊس ھاءِ وي کي ساڳي ھنڌان ڪٽ ھڻي ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو آھي، ھاڻي تازي ٿيل ٻوڏ کي 4 مھينا گذري ويا آٓهن پر ان ساڳي ڪٽ واري جڳھه تي ٻنھي روڊن جون پليون منظور ٿيڻ باوجود عملدارن پاران ساڳيا روڊ تعمير ڪيا پيا وڃن جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ھنن چيو ته 17 نومبر تي خيرپور واسين جي وين  ڪٽ واري پاڻي ۾ ڪري پئي ۽ حادثي جي نتيجي ۾ 21 ڄڻن جون انساني جانيون ضايع ٿي ويون پر اين ايچ اي جي ڪامورن ۽ سنڌ حڪومت جي لاپرواهي  سبب پلين جي بدران   ساڳيا روڊ بحال ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته   تڪ جو وڏي وزير   اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ پيو ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته   ڪٽ واري جاءِ تي ٻنھي روڊن تي پليون ٺاھي روڊ حادثن ۽ وڌيڪ ٻوڏ جي تباهي کان  چايو وڃي. ٻي صورت ۾  احتجاجي تحريڪ  شروع ڪي ويندي. ٻئي طرف اين ايڇ اي جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته پليون ڪينسل نٿيون آھن پر  ھي به روڊ جو ڪم عارضي ڪيو پيو وڃي ته جيئن ٽريفڪ ٻنھي روڊن تي بحال رھي.