ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن واري معاملي جي جاچ جاري آهي، ميونسپل انتظاميا جاچ آفيسر کي رڪارڊ نه ڏنو، ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر مڪاني کاتي جي ڊائريڪٽر کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته اينٽي ڪرپشن اڳوڻي سي ايم او عابد ولي کوسو، انجنيئر شوڪت علي شاهه، اڪائونٽنٽ مرزا ذاڪر بيگ ۽ ٻين خلاف جاچ ڪري رهي آهي، 2019 ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي فنڊن جو غلط استعمال ڪيو ويو، من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏنا ويا، ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ٺيڪيدارن کي فنڊ جاري ڪيا ويا، سيپرا رولز جي سنگين خلاف ورزي ڪئي وئي، ڪوڙا ٽينڊر ۽ بل ٺاهيا ويا، 2019 ۾ ڪيترن ئي ٺيڪيدارن کي  14 ڪروڙن کان  وڌيڪ جا ٺيڪا ڏنا ويا، انتظاميا ڪيترائي نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود رڪارڊ نه ڏنو، ميونسپل انتظاميا کي رڪارڊ فراهم جو پابند بڻايو وڃي. ٻئي طرف اڳوڻي سي ايم او عابد ولي کوسو ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرپشن جا الزام غلط آهن، مون کي اينٽي ڪرپشن جو ڪو نوٽيس به نه مليو، ميونسپل جو رڪارڊ ميونسپل ۾  ئي پيل هوندو، منهنجي پوسٽنگ هن وقت ٻولهاڙي ۾ ناهي، اينٽي ڪرپشن سان جاچ ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جنهن ڏينهن گھرايو ويو، پيش ٿيندس