عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ پي ايس 52 تي ننڍي چونڊ دوران جهيڙي ڪيس ۾ جي ڊي اي جا 25 ڪارڪن ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري، جڏهن ته ڪيس جي پيروي وڪيل جان محمد نهڙي ۽ وڪيل ظهير الدين نهڙي ڪري رهيا هئا. واضح رهي ته پي ايس 52 عمرڪوٽ تي ننڍي چونڊ دوران پولنگ واري ڏينهن تي ٿر جي ڳوٺ ڀوڄراجيو جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ ڪارڪنن ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو هو. جنهن بعد پ پ جي ڪارڪن شاهد حسين بنگلاڻي جي فرياد تي عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي جي ڊي اي جي 25 ڪارڪنن مٿان ڀڃ ڊاهه ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.