شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي ٺاروپور واري علائقي ۾ 23 ڏينھن اڳ کليل گٽر ۾ ڪري تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙو ايان علي جلباڻي واري مامري تي سرڪار جي مدعيت ۾ شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور محمد حنيف پتافي مٿان اي ايس آءِ امتياز سڌايو جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معصوم ايان عليءَ جا وارث ڪيس داخل نٿا ڪرڻ چاهين، جڏهن ته محمد حنيف پتافي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر کي مقرر ٿي 6 مهينن جو ٽائيم ٿيو آهي ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ سندس عملي جي غفلت سبب 23 ڏينھن اڳ معصوم ايان علي جلباڻي کليل مين هول ۾ ڪري فوت ٿيو ۽ اهڙي لاپرواهي ثابت ٿيڻ تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪجي ٿو، ٻي طرف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ چيف ميونسپل آفيسر شڪارپور عابد راجپوت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شڪارپور ۾ عام پبلڪ ۽ ميڊيا ۾ ھلندڙ خبرن ۾ اهو معلوم ٿيو هو ته شڪارپور جي مين هولن تي ڍڪڻ نه لڳايا ويا آهن ۽ ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن پهريان ٺاروپور محلي جو 6 ورھين جي معصوم ايان علي جلباڻي کليل مين هول سبب گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو، ان سلسلي ۾ توهان کي هفتي اندر سمورا مين هول جا ڍڪڻ لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ۽ اهڙي رپورٽ هفتي اندر جمع ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، پر ان بابت ڪابه رپورٽ جمع نه ڪرائي وئي آهي، ان سلسلي ۾ هن شوڪاز ذريعي توهان کي 4 مئي 2021 تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏجي ٿو ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ پاران ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته پي پي ايڇ آءِ پاران اي آر ويز ۽ اي ايس ويز سينٽر شام جي شفٽ ۾ پي پي ايڇ آءِ پاران هلايا ويندا هئا، جيڪا بنا ڪنهن سبب ڄاڻائڻ جي بند ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ متعلقه سينٽر شام جو کوليا وڃن ته جيئن جنرل پبلڪ کي فائدو پهچي، اهڙي رپورٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وڃي.