دادلغاري (ن پ ا) ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان محمد علي ميراڻي جو لاش سندس ڀيڻ ۽ گهرواريءَ وصول ڪيو. الفلاح ٿاڻي تي مقتول جي ڀيڻ رخسانه جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. نوجوان جو مڙھ ڳوٺ فتح پور آندو ويو جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي. واضح رهي ته دادلغاري واسي نوجوان محمد علي ميراڻي جو تشدد ٿيل لاش ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي مان هٿ آيو هو.