عمرڪوٽ: اغوا ڄاڻايل ناري بازياب، عدالت ۾ پيش

0
465

عمرڪوٽ: چار مھينا اڳ بودرفارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميڻا جي ڌاڻي مان مبينا اغوا ڄاڻايل ھندو ناري ھيمي زال پيرو ڪولھي کي بودرفارم پوليس بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس ڳجھي اطلاع تي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ڪنڊي اسٽاپ ويجھو موتي ڪولھي جي گھر تي ڇاپو هڻي مبينا اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائي ورتو. چار مھينا اڳ ناري جي سھري سميڙو ڪولھي جي فرياد تي ميرپورخاص جي رھواسي اعجاز لاشاري تي ناري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس بودرفارم ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو، جوابدارگرفتار هو. ناري هيمي ڪولهي جو چوڻ هو ته آئون مڙس پيرو ڪولھي سان خوش نه ھئس تنھن ڪري گھران نڪري موتي ڪولھي جي گھر ۾ پناھ ورتي، هاڻ مائٽن ڏانهن وڃڻ چاھيان ٿي.