ڀارت ۾ ڪميونزم ۽ لينن ازم جي ننڍي ڀاءُ سوشلزم جي شادي ۾ شرڪت

0
374

ممبئي (م.ڊ) هونئن ته اها روايتي شادي هئي، پر غير روايتي ان ڪري ٿي جو ان ۾ ڪميونزم ۽ لينن ازم پنهنجي ننڍي ڀاءُ سوشلزم جي شادي ۾ شرڪت ڪئي. اها شادي جي تقريب ڀارت جي تامل ناڊو رياست جي ڪميونسٽ پارٽي جي ضلعي سيڪريٽري اي موهن جي پٽ جي هئي. اي موهن ٻڌايو سوويت يونين جي ڊهڻ وقت کيس پٽ ڄائو ته ان جو نالو ڪميونزم رکيو، ٻئي جو نالو لينن ازم ۽ ٽئين جو سوشلزم رکيم. منهنجي پٽ لينن ازم کي پٽ ڄائو ته ان جو نالو مارڪسزم رکيو ويو. سوشلزم جي شادي جي ڪارڊز تي ڏاٽي ۽ هٿوڙي جي تصويرن وارا ڪميونسٽ پارٽي جا لوگو لڳل هئا. ڀارت ۾ سرد جنگ دوران ڪميونزم ڏانهن زبردست لاڙو رهيو، والدين پنهنجي ٻارن جا نالا اسٽالن ، لينن، ٽراٽسڪي، ايتري قدر جو سوويت اخبار پراوڊا جي نالي سان به رکڻ شروع ڪيا.