گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ بجلي جي پيداوار گهٽجي 370 ميگاواٽ ٿي وئي

0
209

گڊو: ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪندڙ گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ بجلي جي پيداوار 1800 ميگاواٽ مان گھٽجي 370 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. گڊو ٿرمل پاور ھائوس جا 16 يونٽ آھن جن مان ھن وقت 4 يونٽ هلن پيا، 12 بند پيل آهن. انتظاميه جو چوڻ آهي ته گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي سپر ميگا يونٽ 747 ميگاواٽ جو اڄ کان شٽ ڊائون لڳايو ويو آھي، جڏھن ته 600 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ ھن وقت 370 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي.