اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي اڄ طلب ڪري ورتو، بشريٰ بي بي کي نوٽيس ڏيڻ لاءِ نيب جي 3 رڪني ٽيم زمان پارڪ پهتي پر بشريٰ بي بي جي ليگل ٽيم نه هئڻ سبب نيب جي ٽيم واپس رواني ٿي وئي، نيب جي ٽيم جو چوڻ آهي ته ليگل ٽيم نه هئڻ سبب نوٽيس وصول نه ڪيو ويو، نيب موجب عمران خان کي به ڪيس جو سوالنامو ڏنو ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي 23 مئي تي حفاظتي ضمانت منظور ڪري چڪي آهي. ذريعن موجب جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم عمران خان کان جاچ ڪندي، عمران خان کي ڪيس بابت دستاويز به گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته نيب راولپنڊي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا کي به رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن مطابق نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي پوري اڳوڻي ڪابينا جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فيصل واوڊا کي به ٻيهر نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، عمران خان جي ان وقت جي ڪابينا جي ٻين ميمبرن جا بيان گواهه طور قلمبند ڪيا ويندا، نيب فيصل واوڊا ۽ شيخ رشيد، علي زيدي کي 24 مئي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، ذريعن مطابق ذلفي بخاري کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيب اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ شفقت محمود کي به طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.