اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري”شيئر پاڪستان پورٽل“ جي شروعات ڪري ڇڏي. جيڪو پرڏيهي وزير ۽ ٻاهرين ملڪن جي 100 کان وڌيڪ سفارتي مشنز وچ ۾ ٽارگيٽيڊ رابطي کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ڊجيٽل فورم آهي. نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ”اين آئي ٽي بي“ جي سهڪارن سان افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آن لائن معياري معلومات جو نظام پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جي مقصدن جي حاصل ڪرڻ ۾ عوامي سفارتڪاري جي اُپائن جي اثرن کي ڪٺو ڪندو.هن چيو ته فارين منسٽرز چينج مئنيجمنٽ انيشيٽيو جو مقصد ڪم جي هڪ اهڙي ڪلچر کي متعارف ڪرائڻ آهي.  جنهن ۾ نتيجا، بهتر پيداواري صلاحيت، جدت ۽ فيصلاسازي جي عمل کي بهتر بڻائڻ تي وڌيڪ توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته ”چينج مئنيجمنٽ انيشيٽيو“ وزارت ۽ ٻاهرين ملڪ جي سفارتي مشنز وچ ۾ همواري رابطي کي يقيني بڻائيندو. پورٽل عوامي سفارتڪاري جي مختلف اُپائڻ ۾ ڪارڪردگي ۽ شفافيت آڻيندو. هي پيپر ليس ڊجيٽل ٽول آهي، ان جو استعمال ڊپلوميسي ۾ آئوٽ ريچ فيصلي جي حمايت، اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن جو مسودو تيار ڪرڻ، پرڏيهي پاليسي جي صحيح ترجماني ڪرڻ ۽ تازي لاڙن جي تجزين لاءِ ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڊجيٽل ٽول وزارت ۽ ان جي مشنز جي وچ ۾ فائدي مند ۽ موثر رابطي ۽ مستقبل جي منصوبن لاءِ هڪ ماڊل طور ڪم ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي پورٽل پرڏيهي وزارت جي ٻين سرڪاري کاتن سان رابطن، ڪميونيڪيشن سسٽم ۽ آءِ ٽي تي لاڳاپيل حل کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻين حڪومتي کاتن کي گڏيل رابطن جي سهولت فراهم ڪرڻ ڏانهن پهريون قدم هوندو.ملڪ جي ٻين هاءِ ڪمشنرز ۽ سفيرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.