اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گُڊ ٽو سِي يُو” جا پڙاڏا سپريم ڪورٽ کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پهچي ويا. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران  آءِ جي اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو، ان موقعي تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته گُڊ ٽو سِي يُو”،  جج جي جملي تي عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال عمران خان جي پيشي تي کيس گڊ ٽو سي يو چيو هو، چيف جسٽس جي آجياڻي وارن انهن لفظن تي حڪمران جماعتن پاران سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.