اسلام آباد (م ڊ): پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري عدالت مان آزادي جي موقعي تي ڌيءَ ايمان مزاري جي منع ڪرڻ باوجود وڪٽري جو نشان ڏيکارڻ کان رهي نه سگهي پر ايمان ماءُ جو هٿ هيٺ ڪرائي ڇڏيو، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن عدالت شيرين مزاري ۽ فلڪ ناز کي ڪيس مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو، جنهن بعد شيرين مزاري کي آزاد ڪيو ويو آهي، شيرين مزاري عدالت مان آزادي تي وڪٽري جو نشان بڻايو ته سندس ڌيءَ ايمان مزاري کي اها ڳالهه بلڪل نه وڻي ۽ هن ماءُ کي وڪٽري جو نشان بڻائڻ کان جهليندي هٿ هيٺ ڪرائي ڇڏيو، شيرين مزاري تي ٿاڻي ترنول ۾ قتل جي ارادي ۽ هٿيارن جي نمائش جي قلمن تحت ڪيس داخل هيو.