اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ + م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ واري حڪم ۾ 31 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، عدالت ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آزادي بعد ٻنهي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، شيرين  مزاري ۽ فلڪ ناز جو ڪيس به ختم، ٻنهي کي 18مئي تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت شهريار آفريدي جي گهرواري کي به اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کي ٿري ايم پي او تحت حراست ۾ ورتو ويو هو.شيرين مزاري کي آزادي بعد گهران ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، تفصيل موجب عمران خان خلاف هڪ سئو کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل  ۽ اسٽيٽ ڪونسل هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. وفاقي حڪومت طرفان عمران خان جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي وئي، عدالت وفاقي حڪومت جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڪيسن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن،  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن مليڪه بخاري ۽ علي محمد خان جي نظربندي کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،  جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پاران ٻنهي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت اسد عمر، سيف الله نيازي ۽ اعجاز چوڌري جي درخواست تي 19 مئي تي دليل طلب ڪري ورتا آهن، دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾ 25 مئي تائين واڌ ڪئي، اسد عمر، شبلي فراز، مراد سعيد ۽ ٻين جي درخواست تي ضمانت ۾ واڌ ٿي، اي ٽي سي جج رمارڪس ڏنا ته عدالت انصاف لاءِ ويٺي آهي، نٿا چاهيون ته ڪنهن کي گرفتار ڪري سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 70 ڪارڪنن جي نظربندي معطل ڪري ڇڏي. عدالت هينئر تائين 101 ڪارڪنن جي نظربندي جا حڪم معطل ڪري چڪي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس انوارالحق پنون رمارڪس ڏنا ته خدا کي مڃو هن ملڪ کي هلڻ ڏيو، هڪ ماڻهو ضمانت ڪرائي ٻاهر نڪري ٿو ته اوهان ان کي گرفتار ڪري  ٿا وٺو. ماڻهن جا حق پامال نه ڪريو، انهن کي گهرن ۾ وڃي ماني کائڻ ڏيو. جسٽس انوارالحق پنون چيو ته هاڻ ته نه ڪو جلوس نڪري رهيو آهي نه ئي ڪو جلسو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءُ ڪرڻو آهي ته اوهان ڪيس داخل ڪريو، نظربند ڇو ڪري رهيا آهيو؟ جناح هائوس تي حملو صحيح عمل نه هو. وڪيل پنهنجي موڪلن کي چون ته هو آئنده اهڙن واقعن جو حصو نه بڻجن.