ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ نظريئه ضرورت کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستاني قوم کي فخر آهي ته آئين ۽ ضمير جي بنياد تي فيصلا ڪندڙ اڄ به زنده آهن، جمهوري قوتن، آئيني قوتن ۽ غير جمهوري ۽ غير آئيني قوتن ۾ فرق اڄ واضح ٿي ويو آهي، آئين جي بالادستي لاءِ ٻاهر نڪرڻ تي هو سڄي ملڪ جي وڪيلن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته اڄ ته توهان آزاد ٿي ويا آهيو، آئون چيف اليڪشن ڪمشنر کي مبارڪباد ڏي ٿو ته توهان جا هٿ هاڻي ٻڌل ناهن. هن چيو ته آئون تحريڪ انصاف جي سمورن ڪارڪنن ۽ تنظيمن کي چوان ٿو ته اُهي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وڃن ۽ چونڊن جي تياري ڪن، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن تيار ٿي وڃن، توهان کي ٻيهر عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻو آهي.