اسلام آباد: پنجاب اسيمبلي 14 جنوري 2023ع تي ٽوڙي وئي هئي، آئين تحت گورنر پنجاب کي 90 ڏينهن اندر چونڊون  ڪرائڻ  لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻي هئي پر گورنر تاريخ مقرر نه ڪئي، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو ۽ سپريم ڪورٽ پاران صدر کي تاريخ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، صدر پاران 30 اپريل تي پنجاب جون چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ 8 مارچ تي اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي عام چونڊون ڪرائڻ جو باضابطه چونڊ شيڊول جاري ڪيو، جنهن تحت 30 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جي تڪن تي عام چونڊون ٿيڻيون هيون، جيڪي آئيني مدت 90 ڏينهن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 18 ڏينهن بعد ٿيڻيون هيون، اليڪشن ڪميشن چونڊ لاءِ گهربل سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري نه ٿيڻ، گهربل فنڊ جاري نه ٿيڻ سبب 30 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ جاري شيڊول 22 مارچ تي واپس وٺي چونڊون 8 آڪٽوبر 2023ع تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ ائين عدالت ڪالهه پنجاب صوبي ۾ چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف خيبر پختونخوا صوبي جي اسيمبلي 18 جنوري تي ٽوڙي وئي هئي، ڪي پي ڪي اسيمبلي جي ٽٽڻ کي 90 ڏينهن 17 اپريل تي پورا ٿي ويندا، 18 جنوري تي ڪي پي ڪي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي نوٽيفڪيشن تي صحيح ڪرڻ باوجود گورنر خيبر پختونخوا تاريخ نه ڏني، جنهن کانپوءِ پهرين مارچ تي سپريم ڪورٽ پنجاب سان گڏ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي تڪن تي چونڊ ڪرائڻ  لاءِ تاريخ گورنر کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، گورنر خيبر پختونخوا حاجي غلام علي 20 مارچ تي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي تڪن تي 28 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو ميڊيا ۾ اعلان ڪيو پر اڃا تائين اليڪشن ڪميشن کي باضابطه طور تي چونڊ تاريخ نه ڏني، اگر خيبر پختونخوا ۾ 28 مئي تي عام چونڊون ڪرايون وڃن ها ته به 90 ڏينهن مڪمل ٿيڻ جي 41 ڏينهن کان پوءِ چونڊون ٿين ها.