اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي خاص معاون فهد حسين استعيفا ڏئي ڇڏي، فهد حسين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي چيو آهي ته هُن وزيراعظم جي خاص معاون واري عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته سرڪاري عهدي تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان، فهد حسين پبلڪ پاليسي ۽ ميڊيا ڪميونيڪيشنز بابت وزيراعظم جو خاص معاون هو، هُن 2022ع ۾ اهو عهدو سنڀاليو هو.