اسلام آباد (م ڊ) عمران خان 2 مهينا اڳ 3 ڀيرا ٽيليٿون ڪري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 15 ارب رپيا جمع ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر تحريڪ انصاف جي سينيٽر ثانيه نشتر 4 ارب 30 ڪروڙ رپيا ملڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ان کان علاوه عمران خان جنهن ملڪ (آمريڪا) تي پنهنجي خلاف سازش جو الزام لڳايو، ان ساڳئي ملڪ ۾ ٽيڪس فري امداد لاءِ بئنڪ اڪائونٽ به کولي رهيو آهي. نجي چينل سان ڳالهين دوران ثانيه نشتر چيو ته ٽيلٿون ۾ عمران خان کي 15 ارب رپين جا عطيا ڏيڻ جا واعدا ڪيا ويا پر اڃا تائين کيس صرف 4 ارب 30 ڪروڙ رپيا ئي مليا آهن. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٻڌايو ته ملندڙ عطيات مان هڪ ارب 30 ڪروڙ رپيا خيبرپختونخواهه حڪومت کي ڏنا، جيڪي خرچ ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ 2 ارب رپين جي ورهاست هڪ ڏينهن اڳ شروع ڪئي وئي. ثانيه نشتر چيو ته سنڌ ۾ هڪ ارب رپيا نقصانن جي ڊيٽا ملڻ تي ورهايا ويندا. ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته متاثرين کي ادائيگي بينڪن ۾ بائيوميٽرڪ سان ۽ سي سي ٽي وي جي سامهون ٿيندي. ان لاءِ پنجاب بئنڪ ۽ خيبر بئنڪ عطيات تي سروسز چارجز نه پيا وٺن. تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته 18 ملين ڊالر جي ڪريڊٽ ڪارڊ جا عطيات اڃا تائين ناهن ملي سگهيا، ڊونرز کان ٽيڪس فري عطيات لاءِ آمريڪا ۾ اڪائونٽ کولي ورتو آهي.