ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. اگهه وڌڻ سان ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافو ۽ هارين جي حوصلاافزائي ٿيندي، ڪڻڪ جي پوکي ڪندڙ هارين کي سروي بعد 5_5 هزار رپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا، سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ته برسات متاثرن لاءِ  20 لک  نوان گهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڪوششن سبب COP 27 پاڪستان جي ڪيس کي تسليم ڪيو. انهي سان پاڪستان سميت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ سمورن ملڪن کي وڏو فائدو ٿيندو. هن چيو ته  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيانئي  ۽ جعلي لانگ مارچ ٻوڏ متاثرن جي ڪيس کي  ڌڪ رسايو آهي، هن چيو ته  ايف آءِ اي ۽ نيب پي ٽي آءِ پاران ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ ورتل امداد جي آڊٽ ڪرائين  ته جيئن خبر پوي ته اها رقم ڪيڏانهن وئي؟  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مٽياري موٽروي فنڊ ڪيس ۾  ڊي سي مٽياري سميت  ملوث آفيسرن کي معطل ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته جاچ لاءِ  اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،