ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾  ٺٽي ۽ نوشهروفيروز واسي 2 ملازمن جي هجوم هٿان بيدردي  سان قتل وارو واقعو غلط افواهه  سبب پيش آيو ، ٽيلي ڪام ڪمپني جي گاڏيءَ تي اسلام آباد جي نمبر پليٽ لڳل هئي، ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ۽  سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو غلط استعمال ڪري افواهه ڦهلائيندڙن خلاف سخت سزائون ڏيڻ، مڇر ڪالوني ۾ پوليس چوڪي قائم ڪرڻ ۽ پرڏيهين جي رجسٽريشن جي سفارش، مڇر ڪالوني واقعي بابت انساني حقن واري کاتي پاران جوڙيل فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي 11 صفحن تي مشتمل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سخت سزائون ڏئي مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، رپورٽ موجب واقعو غلط فهمي سبب پيش آيو، ڪمپني جي گاڏيءَ تي اسلام آباد جي نمبر پليٽ لڳل هئي، شهرين شايد ڪنهن جاچ اداري جي گاڏي سمجهيو هجي، پوليس کي هجومن  کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ خاص ٽريننگز ڪرايون وڃن، سماج مان عدم برداشت ۽ نفرت کي گهٽايو وڃي، شهر ۾ افواهه ۽ خوف جي ماحول کي ختم ڪرڻ لاءِ جاڳرتا مهم هلائي وڃي، چائلڊ پروٽيڪشن سيل، ميڊيا ۽ انساني حقن واري ڪميشن  ڪردار ادا ڪن، ڪراچي ۾ رهندڙ پرڏيهين جي رجسٽريشن ڪرائي وڃي، سڀئي خانگي ڪمپنيون/ تنظيمون/ ادارا ويجهي ٿاڻي کي پنهنجن سرگرمين ۽ ڪم بابت اڳواٽ آگاهي ڏين، رپورٽ موجب پوئتي پيل  مڇر ڪالوني ۾ وڏي تعداد ۾ بنگالي ۽ برمي رهن ٿا، اتان جا نوجوان منشيات جا عادي ۽ ڏوهاري تنظيمن جا ميمبر آهن، اتي ڇوڪرين کي هراسان ڪرڻ ۽ گهٽين ۾ ڦرلٽ معمول بڻيل آهي، مڇر ڪالوني ۾ ڪا پوليس اسٽيشن ناهي،  ٿاڻو واقعي واري هنڌ کان 15 ڪلو ميٽر پري آهي، رپورٽ موجب  اغوا جي ڪوڙي افواهه  تي ٻن ملازمن جي قتل جو واقعو پيش آيو، مڇر ڪالوني جا رهواسي “سڃاڻپ جي غلطي” جي دعويٰ ڪري رھيا آھن، ٻن بيگناهه شهرين کي مارڻ لاءِ سندن ڏنل جواز اجايو اهي