مظفرآباد (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان پاڻ مڃي ورتو آهي ته هو عوام جي نه پر سليڪٽرز جي چوائس آهي، هو سليڪٽرز جي هڪ اشاري تي لاٽو وانگر ڦرندو آهي، عمران خان هاڻ اليڪشن چوري، دٻو کڻي ڀڄي وڃي يا اليڪشن عملو ئي اغوا ڪري وڃي پر ڪشمير عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، آزاد ڪشمير جي علائقي هجيره ۾ چونڊ مهم جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان چوائس ان ڪري آهي ته هو هر ڳالهه تي جهڪي ويندو آهي، ڊڄي ويندو آهي، عمران خان ايترا سال جدوجهد ڪرڻ بعد گهاٽي جو سودو ڪيو، هو 22 سالن جي جدوجهد بعد ڪنڌ کڻي هلڻ جي قابل نه رهيو آهي، اهڙي ڪرسي کان ته موت ڀلو آهي، هاڻ ته اهو چوڻ جي به قابل ناهي رهيو ته مون سان زيادتي ٿي آهي، عمران کي ڪٺ پتلي وزيراعظم طور ياد رکيو ويندو، هن پنهنجي مٿي تي اسٽبلشمينٽ جو ٽپو لڳرايو، هن چيو ته عمران خان پاڪستان جو سڀ کان ڪمزو ۽ بزدل وزيراعظم آهي، نااهل سليڪٽڊ وزيراعظم عوام کي هڪ ڪلو کنڊ فقيرن وانگر ڏني، هن چيو ته دٻن مان نڪرندر نوازشريف جو ووٽ ڪشمير جي آزادي جو ووٽ هوندو، عمران خان کي مليل هر نشان ڪشمير کي صوبو بڻائڻ جو ووٽ هوندو. مريم نوز چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس عمران خان جي خلاف آهي، ايف آءِ اي چوان ٿي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي مني لانڊر کي پڪڙڻو آهي ته بني گالا ۾ وڃي پڪڙيو، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مني لانڊر بني گالا ۾ لڪي ويٺو آهي.