اسلام آباد (بيورو رپورٽ) رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر ايندڙ ڏينهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته سنڌ نارمل سياسي صورتحال رکندڙ صوبو ناهي، سنڌ سياسي ڏوهارين جو صوبو آهي، جتي سياسي مخالفن خلاف ايف آءِ آرون داخل ٿين ٿيون، پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر لال مالهي جي اسلام آباد واري رهائشگاهه تي سنڌي دانشورن، ليکڪن ۽ صحافين سان ملاقات دوران اسد عمر وڌيڪ چيو ته وفاق پاران ترقياتي منصوبن لاءِ پيسو سنڌ جي عوام جو آهي اهو سنڌ حڪومت جو پيسو ناهي، منصوبا سنڌ حڪومت جي مرضي سان نه پر سنڌ جي عوام لاءِ لڳائينداسين، سنڌ جي 14 ضلعن جي پيڪيج سميت ڪراچي جا هڪ کرب جا منصوبا شروع ڪيا آهن، هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ گيس ڏيندڙ گهوٽڪي ضلعو آهي، پر 40 سالن ۾ حڪومتن ڪنهن به گهوٽڪي واسي کي ٽيڪنيڪل ٽريننگ نه ڏياري ته اهي گيس فيلڊ ۾ ڪم ڪري سگهن، هن دعويٰ ڪندي چيو ته اسان جي حڪومت جي ٽن سالن ۾ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان پنجاب کان وڌيڪ پيسو خرچ ٿيو، رڳو هن بجيٽ ۾ پنجاب لاءِ وڌيڪ پيسا رکيا ويا آهن، هن چيو ته ٽيليميٽري سسٽم عمران خان جي حڪومت ۾ ئي توهان کي هلندي نظر ايندو، جيتريون سنڌ کي وفاق کان پاڻي جي فراهمي بابت شڪايتون آهن ان کان وڌيڪ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ بلوچستان سنڌ صوبي خلاف ڳالهيون ڪندو آهي، وفاقي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ سياسي مفادن لاءِ سنڌي مهاجر مسئلي کي هوا ڏين ٿا، اها سنڌ جي خدمت ناهي، سنڌ جي خدمت عوام کي جوڙي رکڻ سان آهي، ايم ڪيو ايم جي سنڌ ۾ صوبي ٺاهڻ واري سوچ جا حامي ناهيون، وفاقي وزير اسد عمر چيو ته سنڌ نارمل پوليٽيڪل صوبو ناهي، سنڌ ڪرمنلائيز پوليٽيڪل صوبو آهي، مخالفن خلاف ڪيس داخل ٿين ٿا، هن چيو ته سنڌ ۾ اسان کي اهڙا ماڻهو گهرجن جيڪي ان صورتحال ۾ بيٺا رهن، هن چيو ته پارٽي ۾ سنڌ کي منظم ڪرڻ جي حوالي سان مختلف سوچ موجود آهي، حليم عادل شيخ پارٽي ۾ زور ڀري رهيو آهي ته پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ پارٽي ۾ نوان ماڻهو آڻڻ گهرجن، ڀلي پراڻا سياسي اڳواڻ اچن ٿا ته انهن کي به آندو وڃي، هن چيو ته ڪجهه قدم اهڙا کڻنداسين جنهن سان سنڌ حڪومت ۽ وفاق وچ ۾ اختلاف وڌندي نظر ايندا، پي ٽي آءِ کي سنڌ جي اشوز تي واضح طور تي سامهون اچڻو پوندو، اها ڳالهه درست آهي ته سنڌ جي اشوز تي پي ٽي آءِ جيئن سنڌ جا ماڻهو چاهين ٿا ائين کلي سامهون نه آئي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سياسي پختگي رکندڙ آبادي سنڌ جي آهي، انهن ۾ ڪمال جي سياسي پختگي آهي. ملاقات ۾ نصير ميمڻ، انعام شيخ، فضل الله قريشي، اعجاز مهر، نياز نديم، رزاق کٽي، گوهر گهانگهرو، قربان بلوچ، منور ميمڻ، ايم اين اي نزهت پٺاڻ موجود هئا.