ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سپريم ڪورٽ جيلن واري صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي نيب کي 19 جولاءِ تائين کيس گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران نيب ڪراچي ۽ سکر جون ٽيمون پڻ عدالت ۾ پيش ٿيون، جڏهن ته اعجاز جکراڻي جا حامي ڪارڪن پڻ وڏي انگ ۾ عدالت ٻاهران پهچي ويا. ان موقعي تي عدالتي ڪمري ۾ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هئڻ تي عدالت اعجاز جکراڻي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان پاڻ سان گڏ ايترا ماڻهو ڇو آندا آهن؟ اوهان عدالت کي ڇا سمجهيو آهي، هيڏو وڏو لشڪر عدالت ۾ ڇو آندو آهي؟ جنهن تي اعجاز جکراڻي عدالت کي ٻڌايو ته آئون هنن کي نه ٿو سڃاڻان ۽ نه ئي وري منهنجو هنن سان ڪو تعلق آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اوهان جي اچڻ تي اهي اٿي بيٺا، فيصلو ٻڌڻ کانپوءِ واپس وڃي رهيا آهن، عدالت اعجاز حسين جکراڻي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي عدالتي ڪمري ۾ ڪو به اضافي شخص نه هجڻ گهرجي. واضح رهي ته اعجاز حسين جکراڻي پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئون نيب سان جاچ ۾ مڪمل تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، نيب کي گرفتاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. نيب اعجاز جکراڻي خلاف ٽي انڪوائريون ڪري رهيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي صلاحڪار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.