عمران خان کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارن جو ڪردار سامهون اچي ويو: پ پ اڳواڻ

0
214
عمران خان کي صادق

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن پي ٽي آءِ جي منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي

پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي پهريان ئي خبر هئي ته هو ڏوهاري آهي، تحريڪ انصاف جا جمع ڪرايل سمورا حلف ناما ڪوڙا آهن

ھنن چيو تھ عمران خان عارف نقوي کان 2 ملين ڊالر ممنوع فنڊ ورتي، عمران خان پرڏيهه مان فنڊنگ وٺي پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو هو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ پڌرو ٿي ويو آهي ته عمران خان ڪوڙو آهي

ٻئي طرف وفاقي وزير خورشيد شاهه پريس ڪانفرنس دوران عمران خان تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته آئين موجب فيصلا ڪرڻ آئيني ادارن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ بال آئيني ادارن جي ڪورٽ ۾ آهي

ٻئي طرف پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته صادق ۽ امين قرار ڏنل عمران خان ڪوڙو ثابت ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان عمران خان کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ وارن جو ڪردار به سامهون اچي ويو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان کي ٻاھر ڀڄڻ نه ڏنو وڃي، ضرورت پوي ته اُن کي گرفتار ڪيو وڃي: شرجيل ميمڻ