عمران خان پنجاب ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي، ق ليگ جو ڪو به ميمبر شامل ناهي

0
301
عمران خان پنجاب ڪابينا جي
عمران خان پنجاب ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي، ق ليگ جو ڪو به ميمبر شامل ناهي

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي 18 رڪني ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي

ذريعن موجب 18 رڪني ڪابينا ۾ رڳو تحريڪ انصاف جا ميمبر شامل آهن، جڏهن ته عمران خان بوزدار ڪابينا مان (ق) ليگ کي ڏنل 2 وزارتون به واپس وٺي ڇڏيون آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ۾ محمود الرشيد کي بلديات، ياسمين راشد کي صحت، ميان اسلم اقبال کي هائوسنگ ۽ ڊاڪٽر مراد راس کي تعليم کاتو ملڻ جو امڪان آهي

ان کان علاوه راجا بشارت کي پارلياماني معاملن، هاشم جوان بخت کي فنانس، خرم ورڪ کي قانون، راجا ياسر همايون کي هائير ايجوڪيشن ۽ هاشم ڊوگر کي گهرو کاتو ڏيڻ جو امڪان آهي

ذريعن موجب علي افضل ساهي، لطيف نذر گجر، محسن لغاري ۽ فياض چوهاڻ کي به وزير بڻائڻ جو امڪان آهي