ھيليڪاپٽر ۾ سوار ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سوڌو 6 فوجي جوان شھيد: آءِ ايس پي آر

0
393
پاڪستان آرمي ايويئيشن

ڪراچي: بلوچستان ۾ امداد سرگرمين دوران گُم ٿيل پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ اچي ويو آھي، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا 12 ڪور ليفٽينٽ جنرل سرفراز علي سوڌو 6 فوجي آفيسرز ۽ جوان شهيد ٿي ويا

ان سلسلي ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي ته حادثي جي شهيدن ۾ ڊي جي ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد، برگيڊيئر محمد خالد، باقراڻي واسي پائليٽ ميجر سعيد احمد، ميجر طلحه ۽ نائڪ مدثر فياض شامل آھن

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته موسم جي خرابي سبب حادثو پيش آيو، هيليڪاپٽر لسٻيلي ۾ فلڊ رليف آپريشن ۾ رُڌل هو ته ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪاٽا ٿيو، حادثي جو شڪار هيليڪاپٽر جو ملبو موسيٰ ڳوٺ مان هٿ ڪيو ويو

بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي تي ملڪ ۾ سوڳ جي لهر

بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي تي ملڪ ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آھي، صدر عارف علوي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان فون تي رابطو ڪري حادثي تي ڏُک ونڊيو

 وزيراعظم شهباز شريف حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهيدن ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ڀائرن جي حياتي بچائيندي پنهنجي جان ڏني، سڄي قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان به هيليڪاپٽر حادثي ۽ شهادتن تي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

بلوچستان ۾ امدادي سرگرمين دوران پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر گم: ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ۽ ڊي جي ڪوسٽ گارڊ سوڌو 6 آفيسر سوار