پشاور (م ڊ) اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عائشا گلالئي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي نئون الزام هڻي ڇڏيو. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عائشا گلالئي چيو ته عمران خان منهنجي ڀيڻ جي اسپتال تي پنهنجي ڪائونسلرن ذريعي حملو ڪرايو، حملو ڪندڙ اسپتال مان اسان جو ڪروڙين رپين جو سامان کڻي ويا، ان معاملي تي ڊي پي او به سهڪار کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن چيو ته خيبر پختونخواهه حقيقت ۾ سريلنڪا بڻجي چڪو آهي، صوبي کي ڪير قرض به ناهي ڏيندو، ٻئي پاسي دهشتگردي وري ڪَر کڻي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردي کي سپورٽ ڪندي آهي، سپريم ڪورٽ کان مطالبو آهي ته عمران خان جي سياست تي تاحيات پابندي لڳائي وڃي.