ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي سليڪشن ڪاميٽي جي عبوري چيئرمين شاهد خان آفريدي جي ڌيءُ جو نڪاح ٿي ويو. ان حوالي سان هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ شاهد آفريدي، شاهين شاهه آفريدي به موجود آهن. ان ۾ شاهد آفريدي جي ڌيءُ اقصيٰ جو نڪاح ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. حق مهر 41 تولا چاندي يا 2 لک رپيا رکيو ويو آهي.