ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ موٽر ايسوسيئيشن ۽ راندين واري کاتي پاران ٿرپارڪر جي برسات متاثرن لاءِ 5 کان 8 جنوري تائين ٿر فلڊ رليف ريلي جو اعلان ڪيو ويو آهي، پڌرائي موجب 5 جنوريءَ تي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽيڪنيڪل انسپيڪشن، 6 جنوري تي ڪواليفائيڊ رائونڊ  ۽  7جنوري تي اسٽاڪ ڪيٽيگري جي ريس  ۽ 8 جنوري تي پريپيڊ ڪيٽيگري جي ريس ٿيندي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ماڻھن جي تفريح لاءِ گاڏين جي ريلي کانسواءِ اٺن، گھوڙن جي ريس، ميراٿن ۽ ملاکڙو پڻ  ٿيندو. ريلي ۾ کٽيندڙن کي انعام به ملندا ريلي جو افتتاح راندين بابت خاص معاون ارباب لطف الله ڪندو ـ پڄاڻي واري تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير خاص مھان طور شريڪ ٿيندو