عمران خان خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس ڇا آهي؟

0
91
پي ٽي آءِ چيئرمين تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 تحت سائفر معاملي جو ڪيس داخل
پي ٽي آءِ چيئرمين تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ 1923 تحت سائفر معاملي جو ڪيس داخل

القادر ٽرسٽ ڪيس اُن ساڍا چار سئو ڪنال کان وڌيڪ زمين جي عطيي بابت آهي، جيڪا بحريا ٽائون طرفان القادر يونيورسٽي کي ڏني وئي هئي

بحريا ٽائون جنهن يونيورسٽي لاءِ اِها زمين الاٽ ڪئي، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي اُن جي ٽرسٽيز ۾ شامل هئا، جڏهن ته ذلفي بخاري ۽ بابر اعواڻ به ٽرسٽيز ۾ شامل هئا پر اُنهن بعد ۾ پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو

جون 2022 ۾ پاڪستان جي اتحادي حڪومت اهو الزام لڳايو ته تحريڪ انصاف حڪومت بحريا ٽائون سان ڊيل عيوض اربين رپين جي ملڪيت عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي نالي تي منتقل ڪئي

وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ان ڳجهي معاهدي جا ڪجهه تفصيل به سامهون آندا ويا، انهن دستاويزن تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جا القادر يونيورسٽي پروجيڪٽ ٽرسٽ لاءِ ٽرسٽيز طور صحيحون ٿيل هيون

قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري خلاف القادر يونيورسٽي ٽرسٽ جي نالي تي زمين جي انڪوائري کي باضابطه جاچ ۾ تبديل ڪيو هو

هي به پڙهندا

وڳوڙين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي: مراد علي شاهه

فوجي ملڪيتن تي حملي ۾ پي ٽي آءِ ملوث ناهي: پي ٽي آءِ قيادت