فوجي ملڪيتن تي حملي ۾ پي ٽي آءِ ملوث ناهي: پي ٽي آءِ قيادت

0
133

فوجي ملڪيتن تي حملي ۾ پي ٽي آءِ ملوث ناهي: پي ٽي آءِ قيادت

تحريڪ انصاف جي قيادت الزام لڳايو آهي ته فوجي ملڪيتن کي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن نه پر سرڪاري عنصرن نقصان پهچايو آهي

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي ليڊر کي گرفتار ڪندا ته پاڪستان ته نڪرندو، سمورا ورڪرز پرامن آهن، عمران خان جي 27 سالن جي جدوجهد آهي اها پرامن آهي

جي ايڇ ڪيو راولپنڊي تي حملي بابت سوال تي اسد عمر چيو ته ان جي جاچ ڪرڻ جي ضرورت، ڇا اُتي ماڻهن کي سازش تحت گڏ ڪيو ويو، انهن کان اهو ڪم ڪرايو ويو ته جيئن سڄو ملبو تحريڪ انصاف مٿان وڌو وڃي، عمران خان جي سياست ۾ تشدد ناهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اها پاليسي پي ٽي آءِ جي ڪڏهن به ناهي رهي، پي ٽي آءِ جي پاليسي پرامن رهي آهي، سرڪاري ملڪيتن تي حملي ۾ پي ٽي آءِ ملوث ناهي

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي جسماني رمانڊ  لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، اسلام آباد پوليس پاران پوليس لائين گيسٽ هائوس ۾ عدالت لڳائڻ جو فيصلو، عمران خان تي توشه خانه ڪيس ۾ به فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

 ٻنهي عدالتن کي پوليس لائينز منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري آهي، ذريعن موجب عمران خان کي نيب راولپنڊي کان اسلام آباد پوليس لائينز منتقل ڪيو ويو، پوليس لائينز اسلام آباد کي سب جيل جو درجو ڏنو ويو

عمران خان جي گرفتاري خلاف ڪراچي ۾ ٿيل احتجاج جون تصويرون

هي به پڙهندا

عمران جي گرفتاري خلاف مظاهرا، روڊ بلاڪ: پوليس سان چڪريون: علي زيدي سميت ڪيترائي گرفتار