عمران خان جي استقامت ۽ تشڪيل ڪار جو تاءُ!

0
193
عمران خان جي استقامت ۽ تشڪيل ڪار جو تاءُ!

  آڪٽوبر 27 واري پريس ڪانفرنس ۽ آڪٽوبر 28 کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪا فرق واري ڳالهه آهي ته ذڪر هيٺ پريس ڪانفرنس جو پڙاڏو تقريبن ٿمجي چڪو آهي يا ائين کڻي چئون ته عمران خان جي لانگ مارچ ان پريس ڪانفرنس کي بي اثر ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت نالي ماتر قومي ميڊيا ۾ جيڪڏهن ڪا سياسي سرگرمي نمايان آهي ته اها عمران خان جو اهو لانگ مارچ آهي جيڪو لبرٽي چوڪ، لاهور کان شروع ٿيو هو ۽ جنهن ۾ توڙي جو وزيرآباد واري الله والا چوڪ تي عمران خان تي هڪ جنوني نويد آرائين پاران قاتلاڻي حملي بعد، جيڪو سياسي ڊينٽ پيو هو ان ڊينٽ به لانگ مارچ جو ڪجهه به نه بگاڙيو. ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ، ملڪ مان بدعنواني (ڪرپشن) جي پاڙ پٽڻ جي لاءِ ۽ اتحادي حڪومت ۽ سهولتڪارن جي خلاف عمران خان جو لانگ مارچ پنهنجي منزل طرف روان دوان آهي ۽ جيڪو لالا موسى کان اڳتي نڪري چڪو آهي. قاتلاڻي حملي بعد لانگ مارچ جي اڳواڻي توڙي جو ملتان واري گادي نشين شاهه محمود قريشي ۽ ڪراچي واسي اسد عمر جي حوالي ته ڪئي وئي آهي پر قيادت وري به خانصاحب پاڻ وٽ رکي ڇڏي آهي. اهڙي طرح باوجود گهايل (زخمي) هجڻ جي عمران خان في الواقع (ورچوئلي) لانگ مارچ جو حصو به رهندو پيو اچي. هو هرورز پنهنجي ان موقف ۽ بيان کي ورجائيندو به رهي ٿو، ته ٻاهرين قوتن جي اشاري تي، مقامي هينڊلرن، سياستدانن جي هڪ بدعنوان ٽولي کي ملڪ تي مڙهي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ واقعي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. ملڪي توڙي غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ۽ انٽرويوز ڏيندي پي ٽي آءِ سربراهه چيو آهي ته، “مون لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو ملڪ جي آرمي چيف جي مقرري نه پر ان جو مستقبل آهي.” ڇاڪاڻ ته سندس سوچ مطابق اتحادي حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي ڏيوالي ڏانهن وٺي پيون وڃن. پاڪستان کي بدعنواني، اقرباپروري ۽ رشوت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ نوجوانن کي تيار ڪرڻ، اتحادي حڪومت کي ملڪ جي هر برائي جو ذميدار ٺهرائڻ سان گڏ ملڪ جي ان اهم اداري سان به سخت ڪاوڙيل آهي جنهن تي عمران مخالف سوچ هي الزام لڳائي رهي آهي ته عمران کي جن پاليو انهن جي نيڪ نامي ۾ حدون به ٽپي ويو آهي. هي حقيقت به آهي ته پي ٽي آءِ جي سربراهن سان گڏ خانصاحب خود به ڪيترن ئي هنڌن تي انهن ڳالهين جو اقرار ڪري چڪو هو ۽ آهي ته: “منهنجا اختلاف ان ڳالهه تي شروع ٿيا ته اداري جو سربراهه بدعنواني کي ملڪ لاءِ خراب نه پيو سمجهي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي جڳهه تي عليم خان کي آڻڻ تان به اختلاف ٿيا، نه ته مون کي اداري سان ڪوبه مسئلو نه هو.” بيانن مان هي به واضع ٿيندو هو ته هن کي ان اداري تي ناز به هو پر وقت وقت جي ڳالهه آهي.

جهڙي طرح انسان ساڳيو نٿو رهي بلڪل اهڙي طرح ڪو ادارو به اهو نٿو رهي، ان جي باوجود اسان جا سياستدان سِکن نٿا ۽ هڪٻئي جا پير ڪڍڻ جي لاءِ ڪڏهن هڪڙي اداري وٽ ته ڪڏهن ٻئي اداري وٽ وڃي جڏهن پنهنجي سياسي نيتن کي پاڻي ڏيارڻ جي ڪن ٿا ته اهو هنن کي غيرآئيني، غيراخلاقي ۽ غيرقانوني ڪم نٿو لڳي پر جڏهن حڪومت ۾ اچن ٿا ته ساڳن ادارن جي سخت ڪاوڙ به هنن کي آئيني ۽ قانوني لڳي ٿي ۽ ان ڪاوڙ جي لاءِ هو آئيني جواز به ڳولي کڻي ٿا اچن ته فلاڻي اداري جيڪڏهن حڪومت کان گهر ڪئي آئي ته اها بلڪل آئين ۽ قانون جي مطابق آهي. پر ڪو سياستدان يا ڪا پارٽي جيڪڏهن آئيني گهرج ڪري ٿي ته اها هنن کي غيرآئيني ۽ غيرقانوني لڳي ٿي. وري ڪنهن به اندروني يا بيروني يا پنهنجين ڪوتاهين سبب يا عين آئيني طريقي سان جڏهن گهر ڀيڙا ڪيا ٿا وڃن ته هنن کي اهي ڪم غيرآئيني ۽ غيرقانوني، يا غيرملڪي سازش يا مداخلت ٿا لڳن. هن وقت عمران خان به اهوئي ڪجهه چئي ۽ ڪري رهيو آهي جيڪو ماضي ۾ ميان نواز شريف چوندو ۽ ڪندو رهيو، جيڪو آصف علي زرداري چوندو ۽ ڪندو رهيو، ۽ جيڪو محترما بي نظير ڀٽو شهيد چوندي ۽ ڪندي رهي ته ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ وارا ڪي ٻيا نه پر اهي آئيني ادارا آهن جيڪي پنهنجون آئيني حدون ٽپي وڃن ٿا ۽ چونڊيل حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪن ٿا. سنڌي ٻولي جي ڪيڏي نه سٺي چوڻي آهي ته “پنهنجي وڍيءَ جو ويج نه طبيب.” حڪومت وڃائڻ بعد هاڻي جنهن ڪم ڪرڻ جي گهر عمران خان ان اداري کان ڪري رهيو آهي ته ان اداري کي اها گهر غيرآئيني لڳي رهي آهي. اهوئي سبب هو ته جڏهن اداري ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته خانصاحب پنهنجي تقريرن، بيانن، پريس ڪانفرنسن ۾ جيڪي گفتا اداري خلاف ڳالهائي رهيو آهي اهي جيڪڏهن سڀ ڪوڙ نه، تڏهن به پورو سچ به نه آهن. اهوئي سبب هو جو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم پاران ان اهم پريس ڪانفرنس ۾ هي فرمايو ويو هو ته، “فتني ۽ فساد جو خطرو هجي ته، سچ جي ڊگهي خاموشي ٺيڪ ناهي.”

عمران خان جي لانگ مارچ کي جيتوڻيڪ سورنهن کان مٿي ڏينهن گذري چڪا آهن پر سندس خطابن واري استقامت ۾ ڪنهن به قسم جي سستي يا گهٽتائي نظر ڪونه ٿي اچي، جڏهن ته تشڪيل ڪار (اسٽيبلشمنٽ) پاران في الحال خاموشي آهي. ممڪن آهي ته جيڪا ڳالهه اداري جي سربراهه لاهور واري ملاقات ۾ صدر سان ڪئي آهي ته، “اوهان دير ڪري ڇڏي ڳالهيون نئين آرمي چيف سان ڪجو.” خاموشي ان حڪمت عملي جو حصو هجي ته ادارو هاڻي صرف اهو ڪم ڪندو جيڪو آئين ۽ قانون مطابق هوندو. سو جيڪڏهن نئون  آرمي چيف به غيرسياسي رهيو ته پوءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ عمران خان جي مقبول هجڻ واري دعوى مان يا ته هوا نڪري ويندي يا جيڪڏهن هو واقعي وڏي اڪثريت سان ميدان ماري آيو ته ۽ اڪيلي پي ٽي آءِ حڪومت بڻائڻ جي حالت ۾ اچي ويندي ۽ هو پوءِ پنهنجي مرضي به هلائي سگهي ٿو ۽ من مانيون به ڪري سگهي ٿو. پر هن ڳالهه کي نه وسارجو ته اسان جو ملڪ اڃا سياسي طور تي مستحڪم ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سياسي پارٽي جون جمهوري روايتون ايتريون مضبوط آهن جو هو ڪنهن اڪيلي پارٽي جي حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏين. عمران خان جا اهي بيان جيڪي هو اڪثر ڪري هڪ اداري جي خلاف متواتر ڏيندو رهي ٿو، انهن تي آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل ۾ جيڪو مضمون ڇپيو آهي اهو پڙهڻ لائق آهي. هڪ طرف اداري جي خلاف هن جي بيان بازي جاري آهي ته ٻئي طرف سندس دوست ۽ ملڪ جي صدر عارف علوي پاران پردي پويان عمران خان ۽ اداري جي ويندڙ سربراهه سان ڳالهين جا دور به هلي رهيا آهن ته من برف کي ڳارڻ جي ڪا راهه نڪري اچي پر اسلام آباد بعد لاهور گيريزن ۾ به ٿيندڙ اهم ملاقات طعنن تنڪن ۽ هڪٻئي کي ڏوراپا ڏيڻ کانسواءِ اڳتي نه وڌي سگهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. منهنجي خيال ۾ اداري جيڪو غيرسياسي رهڻ وارو ڪم ڪيو آهي شايد هو هاڻي ماضي مان نڪرڻ چاهي ٿو ۽ جنهن جو اولڙو آڪٽوبر 27 واري پريس ڪانفرنس ۾ به نظر آيو ته، “هڪ طرف توهان اداري جي سربراهه تي ڏينهن جي روشني ۾ ڇوهه ڇنڊيو ٿا، ان تي سهولتڪاري جا الزام هڻو ٿا، ان کي مير جعفر ۽ مير صادق چئو ٿا ته ٻئي طرف وري رات جي اونداهي ۾ پردي پويان ان سان ملاقاتون به ڪيو ٿا.” ساڳي پريس ڪانفرنس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، پاڪستان جي سياست ۾، اداري جي سياسي ڪردار جي حوالي سان ڪيترين ئي ڳالهين تان پردا به کنيا هئا ته ڪجهه اهم غلطين کي تسليم به ڪيو هو ته، “اسان کان به غلطيون ٿيون هونديون پر اسان غدار يا ملڪ دشمن ناهيون. صرف هڪ غيرآئيني گهرج کان انڪار تي، اداري تي اهو شخص الزام لڳائي رهيو آهي جيڪو خود ماضي ۾ ملڪ جو وزيرِاعظم به رهي چڪو هجي ته سواءِ افسوس ڪرڻ جي ٻيو ڇا ٿو رهجي وڃي.”

عمران خان سان سياسي اختلاف رکڻ وارا به هن جي موجوده سياست کي ملڪ جي لاءِ تاريخي وک قرار ڏئي رهيا آهن ته تشڪيل ڪار ماضي ۾ هر سياسي پارٽي کي تتر بتر ڪري ڇڏيو. اڳواڻن کي جيلن ۾ بند ڪيو، ڦاسين تي چاڙهيو ويو، قتل ڪيو ويو پر عمران خان ملڪ جو اهو واحد سياسي اڳواڻ آهي جنهن تشڪيل ڪار سان گڏ پنهنجي هر مخالف جو اڪيلي سر مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪندو اچي پيو. تازوئي لاهور ۾ بار جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ به هن پنهنجي موقف کي کليل نموني سان رکيو ۽ چيو ته، “چورن جي هينڊلرز کي ملڪ جو فڪر ناهي. مون ڪڏهن به آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري ناهي بڻايو.” يعني پنهنجي موقف کي حسبِ معمول دهرايو آهي. عمران خان اتحادي حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان گڏ هي باور به ڪرائيندو رهي ٿو ته توهان پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف تشڪيل ڪار کي طعنن تنڪن ۾، ٻاهرين قوتن جو ساٿي شمار ڪرڻ سان گڏ پاڻ تي ٿيندڙ قاتلاڻي حملي جو نه صرف سرعام پر کليل نموني سان ذميدار به قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اتحادي حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيندي چوندو رهي ٿو هو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ آيا آهن هنن کي ملڪ جو ڪوبه فڪر ڪونهي ڪو. هي بدعنوان ۽ اقرباپرور آهن. هنن ملڪ کي يرغمال ڪري مهانگائي جو طوفان آڻي عوام جي زندگي کي مشڪل کان مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. لانگ مارچ جاري آهي، نومبر اڌ گذري چڪو آهي. هن ئي مهيني ۾ هڪ اهم مقرري به ٿيڻي آهي. جنهن لاءِ ڪجهه نالا ميڊيا ۾ اچي به چڪا آهن. اتحادي حڪومت ۾ شامل سربراهن جي ان اهم مقرري تي مشاورت به جاري آهي. ملڪ جي سياست جو اٺ ڪهڙي پاسي ويهندو نومبر جي آخر تائين يا ان جي گذرڻ بعد واضع ٿي ويندو.