نومبر ۽ سياسي بحران

0
157
نومبر ۽ سياسي بحران

 پاڪستان جي اهم غيرسياسي عهدي جي مقرري کي پاڪستان جي سياستدانن سياست جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. نومبر ۾ ٿيندڙ نئين مقرري آئين ۽ قانون تحت ڪئي وڃي ته ملڪ ۾ ڪڏهن به سياسي بحران پيدا نه ٿيندو. هڪ اهم ۽ غير سياسي عهدي کي ملڪ جي وڏين پارٽين پاران پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ پاڪستان لاءِ ھاڃيڪار آهي، ڇو ته اهم عهدي جي مقرري ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو خراب ڪيو وڃي پيو. اهم عهدي تي مقرري ۾ عدالت پاران سزا يافته شخص جو اهم ڪردار حيران ڪندڙ آهي. وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف ملڪ جي اھم عهدي چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري لاءِ لنڊن جي ايون فيلڊ اپارٽمنٽ ۾ پنهنجي ڀاءُ ميان نواز شريف جي گهر پهچي صلاح مشورو ڪيو آهي. جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف پاڪستان جي عدالتن مان روپوش ٿيل آهي. ميان نواز شريف ميڊيڪل بنياد تي لنڊن ويو تهواپس ڪونه وريو آهي. جڏهن ته عدالتن پڻ کيس روپوش قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف جي لنڊن پهچي ميان نواز شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي تي مقرري بابت صلاح مشورا ڪرڻ حيران جوڳو عمل آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ته ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ ملڪ جي وزيراعظم شهباز شريف کي هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن ته چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري سينيارٽي جي بنيادن تي ڪئي وڃي، ڇو ته سينيارٽي جي بنياد تي چيف آف آرمي اسٽاف لاءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جو نالو گردش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته مسلم ليگ ن جي به آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ميان نواز شريف پاران ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. 11 نومبر مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر حنا پرويز بٽ به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي به ٽوئيٽ ڪندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري نواز شريف ئي ڪندو. هن هڪ ٽوئيٽ ۾ عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ جا اهم فيصلا نواز شريف جي مشاورت کان بغير نه ٿيا آهن نه ٿيندا، جيڪڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته ٻڌي ڇڏيو ميان صاحب اوهان کي وڌيڪ تڪليف ڏيندو. جڏهن ته ٻي ٽوئيٽ ۾ هن نواز شريف ۽ مريم نواز جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اهو ليڊر جنهن کي پاڪستاني سياست مان هٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي پر اڄ به پاڪستاني سياست جو اهم پهلو آهي. جڏهن ته مسلم ليگ ن جي سينيٽر ڊاڪٽر افنان الله خان به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته عمران خان کي تڪليف ان ڳالهه جي آهي ته آرمي چيف نواز شريف لڳائيندو ۽ ان کي ايتري تڪليف آهي ته هو پنهنجو هوش وڃائي ويٺو آهي. اھڙي ريت مسلم ليگ جي قيادت آرمي چيف جي مقرري کي نواز شريف سان منسوب ڪري پاڪستان جي آئين ۽ قانون جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن.

              وزيراعظم پاران آرمي چيف جي مقرري واري فيصلي جو اختيار نواز شريف حوالي ڪرڻ کانپوءِ پي ڊي ايم ۾ شامل مختلف پارٽين سميت پيپلزپارٽي اندورني طور ان سموري معاملي تي ڪاوڙيل نظر اچي پئي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي اتحادي جماعتن جي ناراضگي ختم ڪرڻ لاءِ انهن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. 12 نومبر تي جي يو آءِ اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمد الله پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عمران خان تي تنقيد ڪندي اهو به ظاهر ڪيو آهي ته شهباز شريف پاران نواز شريف سان آرمي چيف جي مقرري تي مشاورت ڪرڻ تي اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين کي تحفظات آهن. حافظ حمد الله پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عمران خان جيترو وڻي رڙيون ڪري ٿيندو اهو جيڪو آئين چئي ٿو. اڳتي هن لکيو ته شهباز شريف کي پنهنجي ليڊر (ميان نواز شريف) سان مشورو ڪرڻ جو حق آهي. واپسي تي هو اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي. فيصلو وزيراعظم جو هوندو. پي ڊي ايم ترجمان هي بيان ته وزيراعظم لنڊن کان واپس اچي ميان نواز شريف جي فيصلي بابت اتحادين کي اعتماد ۾ وٺي مان ثابت ٿئي ٿو ته هن سڄي معاملي تي اڃا تائين اتحادين کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.

ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به ميڊيا تي اچي ڪيترائي ڀيرا بيان ڏنو آهي ته هڪ روپوش شخص ميان نواز شريف اهم مقرري لاءِ جنهن جو نالو ڏيندو ان جي چونڊ ڪئي ويندي، جيڪا پاڪستاني عوام جي بدقسمتي آهي. ڇو ته ڪرپشن ڪيس ۾ روپوش جوابدار مقرري ڪندو ته ان سان ملڪ ۾ ڪرپشن گهٽ ٿيڻ بدران اڃا وڌي ويندي. نواز شريف ظاهري طور تي مسلم ليگ ن جو سربراهه آهي پر قانون موجب اهو هڪ روپوش جوابدار آهي. جڏهن ته ملڪ جي وزيراعظم ميان شهباز شريف بار بار اهو بيان پڻ ڏنو آهي ته آرمي چيف جي مقرري بابت قانون تي عمل ڪيو ويندو ۽ پاڪستان جو قانون اها اجازت نه ٿو ڏي ته هڪ ملڪ جو وزيراعظم پنهنجي ملڪ مان ٻاهر وڃي هڪ روپوش جوابدار سان اهم عهدي جي مقرري بابت صلاح مشورا ڪري. ڇو ته جنهن فوج جي سربراهه جي مقرري ٿي رهي آهي اها فوج اسلامي ملڪن ۾ پهرين ۽ دنيا جي ڇهين نمبر تي طاقتور آرمي ۾ شمار ٿئي ٿي. هاڻي ان فوج جي سربراهه جو معاملو روپوش جوابدار ميان نواز شريف حل ڪري رهيو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ قانون صرف غريبن لاءِ آهي، باقي طاقتور قانون کان آجا آهن. پاڪستان جي اهم عهدي جي مقرري نومبر جي آخر تائين ٿي ويندي. جڏهن ته ان کان پوءِ اليڪشن جو سال اچي پيو. حالتون سازگار بدران اڃا ڏکيائين طرف وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان کي ٻاهران دشمن ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهن، پر اسان جي فوج سبب ملڪ محفوظ هٿن ۾ آهي. ڪافي ڀيرا آمريڪا کي اهو بيان ڏيڻو پيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام محفوظ ناهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو آمريڪا به پاڪستان جي سڄڻن ۾ شامل ناهي پر اسان کي پنهنجي فوج تي يقين آهي ته هو ملڪ ۽ عوام جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي دعا آهي ته مقرري جنهن جي به ٿئي پاڪستان سدا محفوظ ۽ سلامت رهي.